صوڀراج چوهڙمل موٽواڻي

صوڀراج چوهڙمل موٽواڻي: مشهور ليکڪ ۽ آزاديءَ واري تحريڪ جو سرگرم ڪارڪن صوڀراج 5 ڊسمبر 1909ع تي چوهڙ مل موٽواڻيءَ جي گهر تعلقي موري، ضلعي نوشهري فيروز ۾ جنم ورتو. مقامي اسڪولن مان تعليم حاصل ڪرڻ بعد سرڪاري ملازم مقرر ٿيو. ان دوران انگريزن خلاف آزاديءَ جي تحريڪ زور وٺي چڪي هئي، تڏهن پاڻ نوڪري ڇڏي ان تحريڪ ۾ شامل ٿيو. هن ڪانگريس ۾ شامل ٿي سياست جو آغاز ڪيو. ان وقت مورو، نوابشاهه ضلعي ۾ شامل هو، پاڻ نوابشاهه ضلعي لاءِ ڪانگريس ڪاميٽيءَ جو سيڪريٽري پڻ رهيو. سندس شمار نوابشاهه ضلعي جي اهم ڪانگريسي اڳواڻن ۾ ٿيندو هو. آزاديءَ جي تحريڪ دوران ڪيترائي ڀيرا جيل ويو، پر مقصد تي اٽل رهيو. ورهاڱي بعد سنڌ ڇڏي هندستان هليو ويو، جتي آدرش نگر اجمير ۾ رهڻ لڳو. اجمير ۾ رهڻ دوران اتي آباد ٿيندڙ سنڌين کي رهائش ۽ سهولتون ڏيارڻ لاءِ ڪم ڪرڻ لڳو. ‘ڪانگريس سيوا سيمتي’ جو سيڪريٽري به رهيو. اجمير ۾ ڪافي عرصي تائين ڪانگريس جي پليٽ فارم تان سياست ۾ سرگرم رهيو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1909.12.05  عيسوي

صوڀراج چوهڙمل موٽواڻي 5 ڊسمبر 1909ع تي چوهڙ مل موٽواڻيءَ جي گهر تعلقي موري، ضلعي نوشهري فيروز ۾ جنم ورتو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

پهلوان فقير ڊومڪي
ٻاٻيهو
عبدالرزاق ميمڻ ڊاڪٽر
ايشور چندر
طلعت محمود
حافظ محمد نونداڻي
پير ضياءُ الدين شاهه راشدي
امام راشدي
جتوئي غلام مجتبيٰ خان
ڌڻي بخش ميمڻ
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون